خانصاحب غلام علي جعفري

خانصاحب غلام علي جعفري: انگريز دور جو شاعر ۽ علمي ادبي شخصيت خانصاحب غلام علي ولد محمد آچر جعفري، 1852ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. انگريزي، فارسي ۽ اردو زبانن تي عبور ۽ مهارت رکندو هو. ڪجهه عرصي لاءِ مختيارڪار به رهيو. نهايت خليق انسان هو. غلام علي جعفريءَ جي خدمتن ۽ علمي قابليت کي ڏسي انگريز سرڪار کيس ’خانصاحب‘ جو خطاب ڏنو. آخري عمر ۾ روحانيت طرف وڌيڪ راغب ٿيو ۽ پنهنجي عشقيه شاعريءَ جو ديوان درياهه ڇڏيائين، جڏهن کانئس ان بابت پُڇيو ويو ته وراڻيائين، ”جڏهن الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه فنا آهي ته ڀلي هي ديوان به فنا ٿي وڃي.“ خانصاحب غلام علي جعفريءَ 1371هه/ 1951ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو